پاٽائي شيخ طيب سنڌي

پاٽائي، شيخ طيب سنڌي: محدث طيب بن يوسف پاٽائي صديقي سنڌي، علم، حديث ۽ تصوف جو وڏو عالم ٿي گذريو آهي. پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ شيخ محدث طاهر سان گڏ پاٽ مان نڪري شهاب الدين واصل وٽ امام غزاليءَ جو تصوف بابت ڪتاب”منهاج العابدين“ پڙهيائين. ان کان پوءِ هيءُ بزرگ سفر ڪري برهانپور ۾ اچي رهيو. شيخ طيب جو تفصيلي احوال ته نٿو ملي، پر ”تذڪره گلزار ابرار“ مان معلوم ٿئي ٿو ته هو شيخ طاهر جو وڏو ڀاءُ هو ۽ گجرات ۽ برار جي سفر ۾ ساڻس گڏ هو. هن بزرگ 950 ھه بمطابق 1543ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو